چيف اليڪشن ڪمشنر اڳوڻي جج کي چيمبر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، وجيه الدين جو سپريم جوڊيشل ڪونسل وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ۾ عام ماڻهو اتحاد پارٽي رجسٽريشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف الڪيشن ڪمشنر جسٽس (ر) وجيه الدين کي چيمبر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ عام ماڻهو اتحاد پارٽي جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي جيڪا ڌرين جي دير سان اچڻ سبب ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ تي پارٽي چيئرمين جسٽس (ر) وجيه الدين چيف اليڪشن ڪمشنر جي چيمبر ۾ پهتو ۽ چيو ته توهان انتظار ڪيو ها اسان ڪراچي کان آيا آهيون جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان وڏي واڪي ڳالهائي رهيا آهيو، توهان جي وڏي واڪي ڳالهائڻ سان مون کي تڪليف ٿي، جسٽس (ر) وجيه الدين چيو ته توهان پبلڪ سرونٽ آهيو توهان انهن ڳالهين لاءِ تيار رهڻ گهرجي. جسٽس (ر) وجيه الدين سان تلخ ڪلامي کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ وجيه الدين ۽ سندس وڪيل کي چيمبر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جسٽس ريٽائرڊ وجيه الدين اليڪشن ڪمشنر جي رويي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته آئون ڪراچي مان خاص طور تي ان ڪيس لاءِ آيو آهيان، اسان عدالت جي ڪمري ۾ پيش ٿياسين پر ساڍا 10 ٿي ويا، اليڪشن ڪيمشن لاءِ وڏو افسوس جوڳو ڏينهن آهي، هي ريٽائرڊ جج هتي ويهي ٻئي نوڪري ڪري رهيو آهي، ريٽائرڊ ماڻهو هتي اهو ٿا سمجهن ته هو چانهن پيئڻ لاءِ ويٺا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ويندس، هن منهنجي مون کي ذليل ڪيو، سردار محمد رضا چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي جو نااهل ناهي جڏهن ته آئون پنهنجي ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي آڏو پيش ٿيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *