چيئرمين ٽرافي جي فتح تاريخ جو حصو بڻجي چُڪي آهي: سرفراز احمد

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۲۰۱۹ اسان جو حدف آهي، هن چيو ته چيئرمين ٽرافي جي فتح تاريخ جو حصو بڻجي چُڪي آهي هاڻي مسلسل بهتري طرف وڃڻ جو سفر جاري رکيو پيا اچون، جڏهن ته نوجوان سُٺو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هڪ انٽرويو ۾ سرفراز احمد چيو ته چيئرمين ٽرافي هڪ تمام وڏي ڪاميابي هئي، شادار فتح تي دنيا جي شائقين ڀرپور داد ڏنو آهي، جنهن سان منهنجو ۽ ٽيم جو اعتماد وڌي ٿو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *