چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي بين الاقوامي ناتن کي بهتر ڪرڻ جي مشن تي آهي۔  شرجيل انعام ميمڻ

انقرہ ترڪي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي ملڪن جي دورن جو مقصد پاڪستان جي لاءِ واپار جا موقعا ڳولڻ، پراڻيون دوستيون بحال ڪرڻ ۽ عمران خان جي نااهلي ۽ بي وقوفين جي ڪري دوست ملڪ ۾ جيڪي غلط فهميون پيدا ٿي ويون هيون ،انهن کي ختم ڪرڻ آهي.  صوبائي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عمران خان جي نااهلي جيڪري پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو هو. عمران خان جي حڪومت جي ناقص پرڏيهي پاليسي ۽ ناتجربيڪاري جيڪري پاڪستان کي سفارتي محاذّ تي شديد نقصان رسيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ پاڪستان جا سمورن ملڪن خاص ڪري مسلمان ملڪن سان مثالي تعلقات هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بطور پرڏيهي وزير  نه فقط بين الاقوامي سطح تي تعلقات کي بهتر ڪرڻ جي مشن تي آهي, پر عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس وڙهي رهيو آھي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري تصور کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته اسان کي امداد نه واپار  Trade Not aid”” گھرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *