چوڌري ڀائرن جي آصف زرداري سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور(م.ڊ) چوڌري ڀائرن بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي ذريعن مطابق پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو ان موقعي تي چوڻ هو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ مشڪل ترين فيصلا ڪيا آهن مولانا فضل الرحمان سميت سمورين سياسي پارٽين جا خدشا  ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، هن جو چوڻ هو ته پشاور سانحي کانپوءِ دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ پيدا  ٿيندڙ قومي اتفاق راءِ کي ڪنهن صورت نقصان نه پهچائڻ گهرجي، دهشتگردي خلاف جنگ سياسي اختلافن کان مٿي تي وڙهڻي پوندي، هن چيو ته ڪابه جنگ قومي اتفاق راءِ بغير نه ٿي کٽي سگهجي، ان موقعي تي مسلم ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ م فوج سان گڏ بيٺل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *