چوڌري نثار ۽ خواجا آصف جي وچ ۾ تڪرار وڌي وئي، مسلم ليگ ن جي قيادت پريشان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ خواجا آصف جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب ن ليگ جي قيادت سخت پريشان ٿي وئي آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه جي اميد به تازن سخت جملن جي ڏي وٺ سبب ختم ٿي وئي.وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف جي ڳانڍاپن ۾ ڏار ان وقت پوڻ شروع ٿيو، جڏهن شريف ڀائرن جي جلاوطني کانپوءِ وطن واپسي ٿي. رستا پوري طور تي تڏهن ڌار ٿيا جڏهن خواجا آصف پاران چوڌري نثار کي هٽائي مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پوءِ ڳالهه ٻولهه به بند ٿي وئي.2013ع جي چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ جي ورهاڱي تي ٻنهي جي اختلافن ويڇا وڌيڪ وڌائي ڇڏيا ۽ ٻئي اڳواڻ نجي محفلن ۾ هڪٻئي جا نالا کڻڻ بنا هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ لڳا. پارٽي جي سربراهه نوازشريف ٻنهي جي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏني ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه جو ٽاسڪ پرويز رشيد ۽ سعد رفيق کي ڏنو پر ڳالهه پوءِ به نه ٺهي. هاڻي ليگي قيادت ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ سيز فائر جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجا آصف اڳڀرائي ڪري غلطي ڪئي. چوڌري نثار جو جوابي حملو جائز هو، جڏهن ته چوڌري نثار سڌو سنئون جواب ڏيڻ بدران پريس ڪانفرنس ۾ اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ بهتر سمجهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *