چوڌري نثار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، عمران فاروقي قتل ڪيس تي اڳڀرائي بابت ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو)  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار عي خان سان برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ هارٽن ملاقات ڪئي جنهن م  چوڌري  نثار چيو ته حڪومت برتانيا سان قانوني سهڪار جاري رکندي،ملاقات دوران چوڌري نثار فلپ هارٽن کي عمران فاروقي قتل ڪيس ۾ هاڻي تائين هلندڙ ڪارروائي ۽ ڪيس جي مرڪزي ڪردار معظم علي جي گرفتاري جي ڄاڻ ڏني.ان موقعي تي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جو به جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت  برتانيا سان قانوني  معاملن تي سهڪار جاري رکندي جڏهن ته برتانوي هائي ڪمشنر فلپ هارٽن جو چوڻ هو ته سندس حڪومت به پاڪستان پاران قانوني سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *