چونڊ ڌانڌلي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ سان مسئلو حل ٿي سگهي ٿو: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق بني گالا اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪئي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت چونڊ ڌانڌلي جي معاملي تي عدالتي ڪميشن بڻائڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو سراج الحق جو چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت اسحاق ڊار، خورشيد شاهه ڳالهيون ڪيون هيون اليڪشن جي موجوده سسٽم ۾ پارٽي ۽ پارٽي جا ليڊر اغوا ٿين ٿا،هن چيو ته حڪومت ڳالهين جي ميز تي نه آئي، پي ٽي آءِ کي ڪيئن چئون ته اعلان واپس وٺن اسان سچي نيت سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون جلسا ته حڪومت به ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *