چونڊ ڌانڌلين ۾ اليڪشن ڪميشن به ملوث آهي:عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چونڊ ڌانڌلين ۾ اليڪشن ڪميشن به ملوث آهي، جـُڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچڻ کانپوءِ خبر پوندي ته اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا ڪيتري حد تائين آزاد آهن، چونڊن ۾ آر اوز جي غلطين جو فائدو ن ليگ کي ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اين اي 125 بابتاليڪشن ٽربيونل جي فيصلي تي نون ليگ قوم کي گمراهه نه ڪري. هن چيو ته اين اي 125 ۾ بي قاعدگيون نون ليگ کي ئي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪيون ويون، هن تڪ ۾ هڪ شخص 6 – 6 ووٽ ڪاسٽ ڪيا. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن نون ليگ جي چوڻ تي ڌانڌلي ناهي ٿي ته ڪنهن جي چوڻ تي ٿي؟ عمران خان چيو ته آر اوز جي غفلت جو انهن کي ڪير پـُڇي ها ڇو ته اليڪشن ڪميشن به ڌانڌلين ۾ ملوث آهي، جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي تمام گهڻيو شيون ٻاهر اچي وينديون. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اين اي 122 ۾ ووٽن جي تصديق لاءِ 26 لک رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته هـُو 93 هزار ووٽ گهـُرائيندا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪندا. عمران خان چيو ته 70 هزار تصديق ٿيل ووٽن مان 15 هزار ڪوڙا آهن، سپريم ڪورٽ خواجا سعد رفيق کي هڪ مهيني جو اسٽي ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *