چونڊ نتيجا نه مڃيا هئا، جمهوريت جي لاءِ چپ رهياسين : آصف زرداري

پشاور (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري پشاور ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي چيو ته اسان چونڊ نتيجن کي نه مڃيو هو پر جمهوريت جي مصبوطي لاءِ چپ رهياسين، خيبرپختونخواه ۾ نقلي پختونن جي حڪومت آهي، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته هي ڪرڪيٽ ميچ نه پر حڪومت آهي، حڪومت ۽ ڪپتاني ۾ وڏو فرق هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري پشاور ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد ڪئي.  هن چيو ته قوميت جي نالي تي ووٽ وٺندڙن 3 سالن ۾ پختونن لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، جيڪا ٻوڏ ڪراچي کان اٿلي اسان ڄاڻو ٿا ته اها خيبر پخوتنخواهه ۾ ڪئين پهتي، اسان اهو به ڄاڻو ٿا ته خيبر پخوتونخواهه ۾ ڇا ٿيو هو. آصف رزداري جو چوڻ هو ته سرحد صوبي جو نالو مٽائڻ جي همت ڪنهن به نه ڪئي هئي، اسان پختونن جي سڃاڻپ کي مڃيو، اسان 18 ترميم جي ذريعي سمورن صوبن کي انهن جا اختيار ڏنا، هاڻي صوبن تي ٻڌل آهي ته اهي ڪهڙي ريت پنهنجا اختيار وفاق کان وٺن ٿا. اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين آصف زرداري وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف صوبي ۾ نئين قانون سازي ڪري اسان جي دوستن کي ڦاسڻ چاهي ٿي، ڪارڪنن کي هن وڌيڪ چيو ته اسان ته جيل ۾ به رهي وينداسين پر توهان ڇا ڪندو، توهان ته جيل جو پاڻي به نٿا پي سگهو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *