چونڊ سڌارن جو بل جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو، نومبر کان اڳ چونڊون ممڪن ناھن: خورشيد شاھھ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ايندڙ هفتي چونڊ سڌارا قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي خورشيد شاهه صحافين سان ڳالائيندي ٻڌايو ته چونڊ سڌارا ڪرڻا آهن ڪجهه بجيٽ کان اڳ ڪنداسين ۽ ڪجهه بجيٽ کان پوءِ ڪنداسين هن چيو ته چونڊ سڌارن کان سواءِ چونڊون نٿيون ٿي سگهن اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ 7 مهينا گهريا آهن آڪٽوبر ۽ نومبر تائين عام چونڊون ممڪن نه آهن خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ چيئرمين جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان تحريڪ حڪومت جي خلاف نه پر رياست جي خلاف هلائي رهيو آهي سندس حڪومت آئيني طريقي سان وئي آهي خورشيد شاهه ٻڌايو ته پنجاب ۾ حمزه شهباز وٽ چئن ووٽن جي اڪثريت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *