چونڊ سڌارا ڪميٽي جو بل ڪميٽي منظور ڪري ورتو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اليڪشن قانون اليڪشن ڪميشن جي مشاورت سان بڻايا ويا، چونڊ قانونن جي تياريءَ ۾ سمورين جماعتن پنهنجو حصو وڌو آهي، هن چيو ته چونڊ سڌارا ڪميٽي جو بل ڪميٽي منظور ڪري ورتو آهي، چونڊ سڌارن جي بل تي جمعي ڏهاڙي صحيح جي تقريب ٿيندي، چونڊ قانونن جي تياري لاءِ ذيلي ڪميٽي 90 کان وڌيڪ اجلاس ڪيا، اليڪشن بل 2017 تي سڀني جماعتن اتفاق ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *