چونڊيل حڪومتن جو احتساب ٿي سگهي ٿو ته پوليس ۽ بيورو ڪريسي جو ڇو نه: مرتضٰي وهاب

ڪراچي (21 جنوري، 2019): اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته جيل جي سوا سو سال پراڻي قانون ۾ ترميم لاءِ صوبائي ڪابينا منظوري ڏني آهي، انهيءَ تي پهرين ڪميٽي جوڙي وئي هئي اهو قانون انتهائي اهم آهي. انگريزن واري دور جي قانون ۾ ترميم ضروري هئي. اها ڳالهه هن ڪابينا اجالس کانپوءِ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏو وزير، صوبائي وزير، صلاحڪارن، معاون خصوصي ۽ چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي. بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته سنڌ پريزينس ڪريڪشن ايڪٽ 2018 تي غور ويچار ڪيو ويو. ڄاڻايل ايڪٽ تي گهرو کاتي جو سيڪريٽري قاضي ڪبير، جيلن جي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير بيرسٽر مرتضيٰ وهاب تفصيلي ڄاڻ ڏني. وڏي وزير چيو ته آئون ايڪٽ تحت جيل کي هٿياربند گهر بڻائڻو آهي نئين ايڪٽ تحت قيدي عورتن کي بهتر ماحول ڏيڻ، سڀني قيدين کي طبي سهولتون کين پنهنجي علاج تائين رسائين، جيل ۾ تعليم ۽ فني تعليم جي فراهمي سان قيدين کي سٺو شهري بنايو وڃي. اجلاس ۾ جيل پوليس جي سکيا تي خاص ڌيان بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. وڏي وزير انهيءَ تي زور ڀريو ته ڏوهاري کي جيل ۾ سزا ختم ٿيڻ کان پهرين معاشري جو ڪارگر شهري بڻائڻ انهيءَ ايڪٽ جو اهم مقصد آهي. وڏي وزير ڪابينا ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ جيلن واري وزير ناصر شاهه، توانائي واري وزير امتياز شيخ ۽ قانون بابت صلاحڪار بيرسٽري مرتضيٰ وهاب شامل آهن. ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ اٿارٽي جي رولز جي منظوري ڏني وئي آهي. متروڪا وقف املاڪ سنڌ قانون سازي ڪئي آهي. اطلاعات واري صلاحڪار پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 18 ترميم کان پوءِ متروڪا وقف املاڪ جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪوپمت وٽ هجڻ گهرجي. متروڪا وقف املاڪ جي حاصلات لاءِ عدالتي عظميٰ سان رجوع ڪنداسين ۽ متروڪا وقف املاڪ بورڊ بڻايو ويندو. وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضٰي وهاب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسن جي رهتن جي ادائيگي لاءِ سنجيده آهي ۽ انهي لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ وڏي وزير پڻ حڪم جاري ڪيا آهن. ڪابينا اجلاس ۾ هڪ ڪوايڪوپيشنل سيفٽي اينڊ هيلٿ ڪائونسل ايڪٽ وارو آئيٽم ڊفر ڪندي ڄاڻايل ايڪٽ کي وڌيڪ بهتر ڪري ٻيهر پيش ڪرڻ لاءِ ليبر کاتي کي هدايت ڪئي وئي. ڪابينا اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سو ميگاواٽ نوري آباد پاور پلانٽ حڪومت پي پي پي تحت قائم ڪيو آهي ڄاڻايل پاور پلانٽ ۾ سنڌ حڪومت جي 49 سيڪڙو ڀاڱي ڀائيواري آهي جڏهن ته نجي ڪمپني جا 51 سيڪڙو انهيءَ ۾ شيئرز آهن. ڪابينا کي ڄاڻ ڏني وئي ته نوري آباد ڪمپني 6.62 بلين رپيا فائدو ڪمايو آهي. سنڌ ڪابينا نوري آباد جي فنڪشنل ڪلوز جي لائين ۾ 30 جون 2020 تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سيپرا جي ڪجهه قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ قورم ۽ ڪجهه ٽيڪنيڪي ڊيفينيشن ۾ بهتري آندي وئي ڪابينا پيمرا ۾ جنرل پبلڪ نمائندن کي چونڊڻ بابت خيالن جي وٺ ڪندي ڪابينا اهو اختيار صوبائي اطلاعات واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي  اختيار ڏنو ويو ته اهو نامزدگي ڪري. اسٽيوٽا ايڪٽ 2010 ۾ ترميم تي ڪابينا ۾ غور ويچار ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيوٽا جو چيئرمين ٽيڪنيڪي تعليم جو وزير ٿيڻو هو. جنهن ۾ ترميم ڪندي چيئرمين ، صلاحڪار ، معاون خصاص يا وزيراعليٰ نامزد شخص چيئرمين هوندو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 26 ۾ ڪابينا ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پهرين ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين يا ڪوبه ميمبر استعيفيٰ ڏيندو هو ته اهو ڪونسل کي اماڻيندو هو پر هاڻي ترميم ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجو استعيفيٰ ايڊمنسٽريٽو ڊپارٽمينٽ کي اماڻيندو. اطلاعات ۽ قانون بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت آئي جي سنڌ پوليس جا اختيار ختم ڪري رهي آهي، پوليس جي اٽانومي قائم رهندي اسڪروٽني بهتر انداز ۾ ٿيندي. آئي جي اختيارن ۾ گهٽتائي جو ڪو به ارادو ناهي سنڌ پوليس ايڪٽ ۾ آزادي ۽ احتساب شامل ٿيندو. اسان پوليس کي با اختيار ۽ آزاد بڻائڻ چاهيون ٿا پر پوليس کي به چيڪ اينڊ بيلينس جي ضرورت آهي. سنڌ جي پوليس قانون ۾ اهڙين شين کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي جڏهن چونڊيل حڪومتن جو احتساب ٿي سگهي ٿو ته پوليس ۽ بيورو ڪريسي جو احتساب پڻ ضروري آهي. اطلاعات ۽ قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سرڪاري ناڪاره ۽ اضافي گاڏين کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ٻن هفتن اندر انهي تي اڳڀرائي ٿيندي. ڪجهه سرڪاري گاڏين تي جعلي نمبر پليٽ لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن تي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سعيد غني جي درخواست تي قبرستان لاءِ جاءِ جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ڪراچي ۾ وڌيڪ قبرستان جي ضرورت آهي ان ڏس ۾ ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري کي اهو آئيٽم ڪابينا ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مرتضٰي وهاب ساهيوال واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا واقعا معاشري جي دامن تي بدنما داغ آهن ڪو به شخض قانون کان مٿاهون ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *