چونڊن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت ممڪن ناهي: سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن متعلق پنهنجو حقيقت نامو انتخابي سڌاري واري ڪميٽي کي پيش ڪري ڇڏيو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري چيو آهي ته چونڊن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت ممڪن ناهي. انتخابي سڌاري واري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري اشتياق احمد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2013ع جي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن وڏي محنت ڪئي جنهن سبب چونڊن کي يورپي يونين، جاپان، آمريڪا سميت بين الاقوامي مبصرن شفاف قرار ڏنو جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي بريفنگ دوران ڪميٽي جي ميمبرن بيلٽ پيپرز جي ڇپائي متعلق سوالن جي برسات ڪري ڏني جنهن ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪنهن هڪ ليڊر اهو ناهي چيو ته چونڊون شفاف ٿيون جنهن جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري چيو ته اسان سياسي پارٽين جي ڳالهه نٿا ڪريون پر پلڊاٽ به چونڊن کي شفاف قرار ڏنو آهي پرپوءِ چونڊن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت ممڪن نه آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد قمر سوال ڪيو ته بيلٽ پيپرز جي نمبرنگ ڪٿان ڪرائي وئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ٻڌايو ته نمبرنگ مشين پراڻي آهي جنهن لاءِ انفرادي قوت نه هئي ان لاءِ نمبرنگ لاءِ اردو بازار مان ۸۴ ماڻهن کي رکيو ويو جڏهن ته سيڪيورٽي فيچر وارا بيلٽ پيپرز پرائيويٽ پرنٽنگ پريس مان نٿا ڇپجي سگهن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جو چوڻ هو ته انتخابي عمل مڪمل فول پروف آهي پر جيڪڏهن ان ۾ ڪو گڙ ٻڙ ڪندو ته ان کي پڪڙيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *