چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام، مخالف ڌر پارٽين جو اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ايم اي سميت ٻيون مخالف ڌر  پارٽيون اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪري رهيون آهن. چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن جن ۾ راجا ظفر الحق، مشاهد الله خان، نهال هاشمي، مشاهد حسين سيد ، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، نويد قمر، فرحت الله بابر، محمود اچڪزئي، مولانا عبدالغفور  حيدري ۽ زاهد خان سميت ٻيا موجود آهن. جڏهن ته مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف پڻ  ان احتجاج ۾ شريڪ ٿيندو. سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جو وڏو انگ پڻ احتجاج ۾ شريڪ آهي، جيڪي جعلي چونڊن جا نعرا لڳائي رهيا آهن. سياسي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اڄ جو احتجاج ۾ ڪارڪنن کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي هئي، احتجاج پُرامن هوندو جنهن ۾ چونڊن خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راجا ظفر الحق  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي چونڊون قبول ناهن. جيڪڏهن چونڊن جا نتيجا اهڙي طرح آندا ويا ته هي قوم ۽ ملڪ جو نقصان هوندو جنهن سان سڄي قوم متاثر ٿيندي. هن چيو ته اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام هن چونڊن کي رد ڪري ٿو، اسان ان خلاف هڪ آهيون ۽ هڪ ٻئي جي هٿ پڪڙي بيٺل آهيون، اسان ان معاملي ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن، اسان قوم سان گڏ بيٺا آهيون، جن ووٽ کي عزت نه ڏني انهن قوم جو نقصان ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻ شري رحمان چيف الڪيشن ڪميشن کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسمبلي پارليامنٽ ۾ گڏ ٿي ڪري احتجاج ڪنداسين. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ انتظاميا احتجاج کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي پڻ تيار ڪري ورتي آهي جنهن تحت اليڪشن ڪميشن تائين رڳو پارليامنٽ ميمبرن کي وڃڻ جي اجازت هوندي ۽ ڪارڪنن کي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿي سگهندا. هوڏانهن جي يو آءِ (ف) چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪيو جتي ڪارڪنن بنون ۾ لنڪ روڊ تي مظاهرو ڪندي انڊس هاءِ وي ٽريفڪ جي لاءِ  بند ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ جي ڪارڪنن ڪوئيٽا، زيارت، چمن، لورالائي ۽ زوب شاهراهه ڪچلاڪ وٽ بند ڪري ڇڏي جڏهن ته ڪوئيٽا، تفتان، مستونگ، قلات، خضدار ۽ ڪراچي شاهراهه لڪ  واري هنڌ تي بند ڪئي وئي. ان کانسواءِ ڪوئيٽا، نوشڪي، خاران ۽ دالبندين آر سي ڊي شاهراهه پڻ مختلف هنڌن تي بند ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *