چونڊن کان ڪوڙو خان ڊڄي ٿو، انٽرويو جي بنياد تي غداري جو الزام لڳايو ويو: نواز شريف

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه چيو آهي ته هڪ انٽرويو جي بنياد تي نواز شريف تي غداري جو الزام لڳايو ويو. نواز شريف جو فيصل آباد ۾ مسلم ليگ ن جي ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته گهر جو وڏو هئڻ جي ناطي هڪ مسئلي جي نشاندهي ڪئي هئي، نواز شريف نشاندهي ڪئي هئي ته ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي پر هڪ انٽرويو جي بنياد تي غداري جو الزام لڳايو ويو. هن چيو ته نواز شريف تي تنقيد ڪئي پئي وئي پر دراني صاحب جو ڪتاب سامهون اچي ويو. هن چيو ته ڪهڙي ڪرپشن جو الزام آهي، ڪهڙي ڪرپشن ٿي، منهنجي خلاف هڪ ٿيلهي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو روز پيشيون ڀوڳي رهيو آهيان. نواز شريف چيو ته ڪم ڪيو، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ۽ ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو ان جي لاءِ منهنجي خلاف ڪيس ٺهيا.  هن چيو ته پورين 70 سالن کان ووٽ کي عزت ناهي ڏني وئي پر هاڻ نعرو ناهي ووٽ کي عزت ملندي. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ ماڻهو ڪوڙي خان کي ڪوسيندا آهن، ڪوڙي خان صوبي جي حالت پهرين کان به وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪو به منصوبو ناهي جنهن جو افتتاح ڪيو وڃي. بلوچستان جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته  گذريل ڏيهن دوران اُتي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، بلوچستان جي حڪومت جو تختو ڪنهن اونڌو ڪيو؟  هن چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ٿيو ته اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي، ٻڌايو بلوچستان اسيمبلي ۾ ماڻهو ڪنهن جي ٻولي ٻولي رهيا آهن، اسان چونڊن کي ملتوي ٿيڻ نه ڏينداسين. نواز شريف جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائيندڙن کي ڏسي ڇڏيو، قوم توهان جي ٺهراءَ کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته اليڪشن ٿيندي ته ن ليگ ئي ڪامياب ٿيندي، اليڪشن کان ڪوڙو خان ۽ ٻيون پارٽيون به ڊڄي رهيون آهن، اِهي پارٽيون ان ڪري ڊڄي رهيون آهن جو انهن کي خبر آهي ته کين اليڪشن شڪست ملندي. مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اڃا به چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا پر هيءَ وڏي اليڪشن ٿيندي ماڻهو اٿي کڙا ٿي ويا آهن. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي نواز شريف صحافين کان سوال ڪيو ته ڇا چونڊون ملتوي ڪرائي رهيا آهن؟ پنهنجي سوال جي وضاحت ڪندي نواز شريف چيو ته ڪجهه ماڻهو چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا تنهن بابت پڇي ڪري رهيو آهيان. هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا چونڊون ملتوي ٿي رهيون آهن تنهن تي نواز شريف چيو ته ڪجهه ماڻهو اڃا به چونڊون ملتوي ڪرائڻ تي لٿل آهن، هر اليڪشن ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو ويندا آهن پر هيءِ وڏي اليڪشن ٿيندي ڇو ته ماڻهو اٿي کڙا ٿيا آهن. نواز شريف کي خوش ڏسندي هڪ صحافي سوال ڪيو ته اڄ گهڻو خوش لڳي رهيا آهيو جنهن تي اڳوني وزيراعظم چيو ته الله جو شڪر آهي، زندگي ۽ لاها چاڙهي ايندا رهندا آهن، انسان کي هر حال ۾ خوش رهڻ گهرجي، جنهن جو ڀروسو الله تي هجي تنهن کي الله خوش رکندو آهي. صحافي سوال ڪيو ته چوڌري نثار هاڻي شهباز شريف جي بيان تي به رد عمل ڏئي رهيو آهي ڇا چوندا، جنهن تي نواز شريف چيو ته مون کان توهان ڪهڙا سوال ڪري رهيا آهيو، لڳي ٿو ته جج صاحب اچڻ ويا آهن هاڻي توهان انهن تي ڌيان ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *