“چور جي ڏارهي ۾ ڪک” ماضي شاهد آهي ته نواز شريف جو پارليامينٽ ۾ چيل ڪوڙ عدالت ۾ پڪڙيو ويو: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ مخالف ڌر جي رڙين کي چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک قرار ڏيندي چيو ته ماضي شاهد آهي ته نواز شريف جو پارليامينٽ ۾ چيل ڪوڙ عدالت ۾ پڪڙيو ويو، هن جو عمران خان ڏانهن آڱر کڻڻ بي معنيٰ آهي. تفصيل موجب وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزير اعظم جو بيان ڪوڙي اڪائونٽس، ٽيڪس چورن ۽ بي نامي دارن جو نالو هو 30 جون کان پهرين ئي مخالف ڌر جو رڙيون نڪرڻ شروع ٿي ويو هيون جيڪي چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي، مخالف ڌر جي رڙين مان ظاهر آهي ته وزير اعظم جو موقف درست آهي. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته اڃان ته 30 جون ناهي آئي مخالف ڌر جي رڙين جو آواز اچڻ شروع ٿي ويو آهي، نواز شريف ۽ زرداري پرڏيهه ۾ ملڪيتون بڻائڻ جي لاءِ جڏهن ته عمران خان قرضن جي ادائيگي جي لاءِ قرض وٺي رهيو آهي. سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته مخالف ڌر سان ڪرپشن جي ڳالهه ڪيو ته هو وزير اعظم جي ذات تي حملو ڪري ڇڏيندو آهي، مخالف ڌر اڳواڻن ۽ ترجمان ڪرپشن ڪنگز جي قصيده گوئي ڪرڻ بدران عوام جي چوڪيداري ڪن. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر اڳواڻ جيل جي ڊپ کان اجتماعي بيماري ۽ وزير اعظم تي عوام جي اعتماد جي ڪري حسد جو شڪار آهن، هنن کي خبر آهي ته معيشت ٺيڪ ٿي وئي ته انهن جو سياسي پتو ڪٽجي ويندو. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجي فرار ۽ پرڏيهه ۾ لڪيل  اڳواڻن، نياڻن ۽ ٻارن کي واپس پاڪستان آڻن ۽ عدالتن ۾ پيش ڪن، ماضي شاهد آهي ته پارليامينٽ ۾ بيهي ڪوڙ ڳالهائڻ شريف ڀائرن جي عادت آهي. هن عوام صنعت ڪارن ۽ واپارين کي اپيل ڪندي چيو ته وزير اعظم جي پيغام جو جواب اثاثا ظاهر ڪري ڏيڻ ۽ ٽيڪس ريفارمز ايجنڊي جو حصو بڻجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *