چهري سان گڏ دل به خوبصورت هجي ته انسان جي شخصيت مڪمل ٿي ويندي آهي: صبا نور

لاهور(شوبز نيوز)ٽي وي جي مقبول اداڪار صبا قمر چيو آهي ته کيس خوبصورتي کان وڌيڪ پنهنجي فن تي ناز آهي. چهري سان گڏ دل به /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 36

خوبصورت هجي ته انسان جي شخصيت مڪمل ٿي ويندي آهي. هن چيو ته“ شو بز ۾ ڪيترن ئي ماڻهن تي ڀروسو ڪيم پر افسوس جو ڪجهه ماڻهن منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو پر آئون ان ۾ به بهتري ٿي سمجهان ڇاڪاڻ ته مون کي انهن ماڻهن جي رويي مان اهڙو تجربو ٿيو جيڪو آئون شايد سالن ۾ به حاصل نه ڪري سگهان ها.صبا قمر وڌيڪ چيو ته“ ڪڏهن به مقابلي جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿيس. جيڪو به سٺو ڪم ڪندو اهو نمبر ون هوندو آهي ۽ ان لاءِ کيس ڪنهن کان به سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه هوندي آهي”.صبا قمر چيو آهي ته هو جڏهن سمجهندي ته هاڻي هنجو دئور ختم ٿي ويو آهي ته ڪنهن مناسب وقت تي شو بز کي خيرآباد چئي ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *