چمن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو، 6 ڄڻا  مارجي ويا

چمن (اين اين آءِ) ساجد مهمند روڊ تي جي يو آءِ نظرياتي اڳواڻ قادر لوڻي جي گاڏي جي ڀرسان ٿيل ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. بلوچستان جي ضلعي چمن جي علائقي ساجد مهمند روڊ تي جمعيت علماءِ اسلام نظرياتي اڳواڻ قادرلوڻي جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. ريسڪيو ذريعن موجب جي يو آءِ جي تحت فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل جي خلاف ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي پڄاڻي واري مقام تي مبينا طور تي موٽر سائيڪل ۾ لڳل ڌماڪيدار مواد کي ريمورٽ جي ذريعي اڏايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ جي يو آءِ جو نظرياتي اڳواڻ قادر لوڻي محفوظ رهيو پر هو معمولي زخمي ٿيو، ڌماڪي جي زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ قادر لوڻي سميت 6 زخمين کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو،علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ گڏيل طور تي هن وقت تائين 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *