چاڪليٽ هيرو وحيد مراد جي 33 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار، هدايتڪار، اسڪرين رائيٽر ۽ فلمساز وحيد مراد مرحوم جي 33 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي سيالڪوٽ ۾ نثار مراد جي گهر ۾ اک کولي جيڪو هڪ مشهور فلم ڊسٽريبيوٽر هو، وحيد مراد فني ڪيريئر جي شروعات 1959ع ۾ فلم ”ساٿي” ذريعي ڪئي، ان وقت سندس عمر 21سال هئي. فلمي گانن جي فلمائڻ وقت وحيد مراد جي چهري جي شرارتي بيهڪ، رومانٽڪ چر پر ۽ بهترين پرفارمنس کيس تمام گهڻو مشهور ڪيو هو. وحيدمراد 23 نومبر 1983ع تي صرف 45 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس مشهور فلمن ۾ هير اور پٿر، ارمان، ڪنيز، دل ميرا ڌڙڪن تيري، نيند هماري خواب تمهاري، وقت، حقيقت، پرکهه، واعده، جيئو اور جيني دو، آدمي، خريدار ۽ آهٽ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *