چاچي رنڌير کي بابا رشي جي موت جي خبر ئي ناهي: رنبير ڪپور جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور تصديق ڪئي آهي ته ڪرينا ڪپور جو پيءُ ۽ سندس چاچو رنڌير ڪپور ڊيمنشيا (ويسر جي بيماري) جي شروعاتي مرحلي ۾ آهي.ڀارتي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي رنبير ڪپور انڪشاف ڪيو ته منهنجي چاچي تازو رليز ٿيندڙ رشي ڪپور جي آخري فلم ”شرما جي نمڪين“ ڏٺي ته هن ان سان ڳالهائڻ چاهيو، رنڌير ڪپور فلم ڏسڻ کان مون وٽ آيو ۽ چيائين ته پيءَ کي ٻڌايان ته هن ان فلم ۾ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪرينا جو پيءُ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ننڍي ڀاءَ رشي ڪپور کي ڳوليندو رهيو، هن کان پڇيو ته پڻهين ڪٿي آهي؟ گهرائينس ان سان ڳالهائڻو آهي.واضح رهي ته رشي ڪپور پنهنجي زندگي ۾ ان فلم جو گهڻو حصو عڪسبند ڪرائي ڇڏيو هو پر سندس لاڏاڻي کانپوءِ فلم کي اداڪار پاريش راول مڪمل ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *