چاهيان ٿو اسان جي آرمي به اسان سان پاڪستان جهڙو ئي ورتاءُ ڪري: اڀي نندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارتي فورسز جي گرفتار پائلٽ اڀي نندن مڇريل ماڻهن کان بچائڻ تي پاڪ فوج جي ڪيپٽن ۽ جوانن جا ٿورا مڃيندي سندن رويي جي واکاڻ ڪئي آهي. گرفتار ڀارتي پائلٽ جي ميڊيا تي جاري ٿيل ويڊيو ۾ سندس هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ آهي ۽ هو ڏاڍو مطمئن نظر اچي رهيو آهي. اڀي نندن چيو آهي ته مڇريل ماڻهن کان بچائڻ تي پاڪ فوج جي ڪيپٽن ۽ جوانن جا ٿورا مڃان ٿو. هن پاڪ فوج جي رويي جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جو رويو متاثر ڪندڙ آهي، جن جهاز تباهه ٿيڻ کانپوءِ مون کي مڇريل ماڻهن جي تشدد کان بچايو ۽ منهنجو خيال رکيو. سندس چوڻ هو ته ڀارت وڃي پنهنجو بيان تبديل نه ڪندس، چاهيان ٿو اسان جي آرمي به اسان سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪري. ڀارتي پائلٽ مشن بابت سوالن جو جواب ڏيڻ کان معذرت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *