چارسده ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 ماڻهو قتل

پشاور(اي م.ڊ) چارسده ۾ سڱاوتي تڪرار تي 10 ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو. تفصيل مطابق چارسده جي تعلقي تنگي ۾ هڪ شخص گهر ۾ ستل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي سربراهه جمال سميت 10 ماڻهو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. مارجي ويلن ۾ 2 ٻار ۽ 4 عورتون به شامل آهن. مارجي ويلن جي رشتيدارن پوليس ڱي ٻڌايو ته اهو واقعو سڱاوتي جي تڪرار سبب پيش آيو. جوابدار گهر جي سربراهه جمال جو ٿيندڙ ناٺي گل احمد خان آهي جنهن ان واردات کان اڳ پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ٻن ڀائرن کي به قتل ڪيو هو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو هو. پوليس مطابق فوت ٿيلن جي رشتيدارن جي بيان جي روشني ۾ شروعاتي  رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدار گل احمد خان جي تلاش لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي کان پوءِ مارجي ويلن جا لاش تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال تنگي منتقل ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *