چارسده ۾ دهشتگرديءَ جو افسوسناڪ واقعو ٿيو ، دهشتگرد بزدلاڻن وارن باوجود قوم جا حوصلا بلند آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءُ واري مملڪتي وير مريم اورنگزيب چارسده ۾ ٿيل ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو اهي ته آخري دهشتگرد جي ختم ٿيڻ تائين وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت سمورن صوبائي حڪومتن پاڪ فوج قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ سڄي قوم سک سان نه ويهندي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چارسده ۾ ٿيل ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ارادي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر دهشتگردن جا سمورا بزدلاڻه وار ناڪام ٿي ويا. هن چيو ته دهشتگردي جي تازن واقعن سان سيڪيورٽي ادارا ۽ عوام وڌيڪ مضبوط ۽ حوصلي مند ٿي آهي هن واضح ڪيوو ته آخري دهشتگرد جي ختم ٿيڻ تائين وزيراعطم جي قيادت ۾ حڪومت سمورن صوبائي حڪومتن پاڪ فوج قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ سڄي قوم سک جو ساهه کڻندي. دهشتگردن جو ڪوبه مذهب نه آهي اهڙي طرح جي هر واقعي کان پوءِ اسان جو حوصلو ۽ ارادو وڌيڪ مضبوط ٿيندو آهي هن چيو ته اسان عوام کي خاطري ڪرايون ٿا ته حڪومت پاڪ فوج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا توهان کي مايوس نه ٿيڻ ڏيندا. هن چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته اسان سڀ گڏ ٿي دهشتگردن جو مقابلو ڪيون دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن سان گڏ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *