چارسده حملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، قومي ايڪشن پلان تي اڄ تائين عمل ناهي ٿيو: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته چارسده حملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، 48 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ به حڪومت عوام جي سامهون حقيقتون ناهن رکيون، قومي ايڪشن پلان تي اڄ تائين عمل ناهي ٿيو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، سراج الحق چيو ته بلوچستان جي ماڻهن تي اڄ به ظلم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته چارسده يونيورسٽي تي حملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، 48 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر حڪومت اڃا تائين عوام جي سامهون حقيقتون پيش ناهن ڪيون، جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته قومي ايڪشن پلان تي اڄ تائين عملدرآمد ئي ناهي ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *