چارئي حلقا کلي چڪا ، ڪپتان کي هر تڪ ۾ ناڪامي نصيب ٿي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته 4 تڪ کلي چڪا آهن، عمران خان کي هر تڪ ۾ ناڪامي ڏسڻي پئي، ڌرڻي کان ڌرڻا ڪنوينشن جو سفر ڪوڙ جي شڪست آهي، وقت ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ سياست جو نه آهي، دهشتگردي خلاف ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڌرڻا ڪنويشن تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عمران خان جي مطالبي تي 4 تڪ کلي چڪا آهن، هر تڪ ۾ عمران خان کي ناڪامي ڏسڻي پئي، پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪي پي ڪي جي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي آهي، عمران خان جواب ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *