چئني صوبن ۾ قيد دهشتگردن کي فوري طور ڦاهي ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو) نيڪٽا جي ايگزيڪيوٽو بورڊ چئني صوبن ۾ قيد دهشتگردن کي فوري طور ڦاهي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، نيڪٽا جي ايگزيڪيوٽو بورڊ، چئني صوبن ۾ قيد دهشتگردن کي فوري طور تي ڦاهي ڏيڻ ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته جن دهشتگردن جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد ٿيون آهن، انهن کي فوري طور تي ڦاهي تي ٽنگيو وڃي. وزيراعظم هائوس سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ نيڪٽا جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن  نيڪٽا ڪوآرڊينيٽر حامد خان، بچاءَ واري سيڪريٽري، پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز پوليس، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي ۽ ايف آءِ اي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ نيڪٽا لاءِ سول ۽ ڳجهن ادارن جون خدمتون وٺڻ سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ چئني صوبن کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون ۽  قومي ايڪشن پلان جون ڪاپيون پڻ ورهايون ويون. ذريعن موجب، اجلاس ۾ نيڪٽا جي ايگزيڪيوٽو بورڊ هدايت ڪئي ته چئني صوبن ۾ قيد دهشتگردن کي فوري طور تي ڦاهي ڏني وڃي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار  چيو ته جن دهشتگردن جون موت جي سزا خلاف اپيلون رد ٿيون آهن، انهن کي فوري طور تي سـُولي تي ٽنگيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *