چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرن کان انتظامي نوعيت جا اختيار واپس ورتا ويا

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف اليڪشن ڪمشنر چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنر کان انتظامي نوعيت جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا، ذريعن مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر مقررين ۽ بدلين سميت انتظامي اختيار پاڻ وٽ رکڻ جو فيصلو ڪندي چئني ڪمشنر کان انتظامي نوعيت جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا، اليڪشن ڪمشنر وٽ صرف جوڊيشل معاملن ۾ راءِ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن ۾ اعليٰ عهدن تي ڪميشن ميمبرن کان راءِ نه ورتي وئي آهي، اليڪشن ڪمشنر اختيار ختم ٿيڻ تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *