چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، غير جمهوري حڪومت مسئلا حل نٿي ڪري سگهي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي انهيءَ وقت ٿيندي آهي جڏهن جمهوريت هوندي ڇو ته ٽيڪنوڪريٽ يا غير جمهوري حڪومت پاڪستان جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. وزير اعظم اٽڪ ۾ تيل ۽ گيس جي منصوبي جهنڊيال ون جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منصوبي جو افتتاح بهتر مسقتبل جو نويد آهي،  پاڪستان ۾ هر شعبي کي ۽ هر صارف کي گيس ويهه ڪلاڪ ملي رهيو آهي، نواز شريف اهڙيون پاليسيون شروع ڪيون جن کي اسان اڳتي وڌائي رهيا آهيون. وزير اعظم چيو ته هي اهي ڪاميابيون آهن جيڪي اليڪشن جي ڪري ملڪ حاصل ڪري رهيون آهن، عوام فيصلو ڪيو ۽ ان جا ثمر ان تائين پهچي رهيا آهن ۽ پهچندا رهندا. هن چيو ته جيڪو ڪم پنج سالن ۾ ٿيو اهو معمولي ناهي، 1999ع کان وٺي 2013ع تائين ڪنهن به شعبي جو ڪم هڪ پاسي رکجي ۽ اسان جي چار سالن جي ڪم کي ڏسجي ته اهو 15 سالن جي عرصي تي ڳرو پوندو. وزير اعظم چيو ته ملڪ ۾ ترقي رڳو ان وقت ممڪن ٿيندي آهي جڏهن جمهوريت پروان چڙهندي ڇو ته جمهوريت مضبوط ٿيندي تڏهن ئي ملڪ ترقي ڪندو، ان کان سواءِ ڪو به ٻيو رستو ناهي، ٽيڪنوڪريٽ يا غير جمهوري حڪومت پاڪسان جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *