چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ لکت شرطن جي نه پر چين جي تعاون جي ضرورت آهي: شھباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ اڳيان پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي امداد ۽ لکت شرطن جي ضرورت نه آهي اسان کي پنهنجي چيني دوستن جي سهڪار جي ضرورت آهي چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعطم شهبازشريف ٻڌايوت ه پاڪستان ۽ چين جي دوستي خطي ۾ سڀ کان پراڻي دوستي آهي چين اسان جو سچو ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺو رهيو آهي هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گهاٽي ۽ مضبوط آهي ۽ هي ماکي وانگر مٺي آهي هي دوستي طوفان زلزلن ۽ سيلابن ۾ به نه ختم ٿي ۽ هر گذرندڙ پل سان مضبوط ٿي آهي وزيراعظم چيو ته منهنجي اها خوشنصيبي آهي جو مان اوهان سان ملاقات ڪئي ته جيئن اهو پيغام ڏئي سگهان ته پاڪستان هي شعبي ۾ چين جي تعاون جو گهرجائو آهي شهبازشريف چيو ته مان ايمانداري سان چئي رهيو آهيان ته گذريل بن ڏهاڪن ۾ چين جي بي مثال ترقي جي هي پاڪستان لاءِ نمونو آهي مان جڏهن چين جو دورو ڪيو ته هي ترقي مان پنهنجي اکين سان ڏٺي هن چيو ته چين هر شعبي ۾ ترقي ڪئي ان ۾ آئي ٽي، واپار ۽ سمورا شعبا شامل آهن هن لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ زراعت جي قانونن ۾ سڌارا آڻيندي پيداوار ۾ اضافو ڪيو هن چيو ته هي اهو ماڊل آهي جنهن جي نقش قدم تي پاڪستان کي هلڻ جي ضرورت آهي هي پاڪستان کي جدت طرف وٺي ويندو وزيراعطم چيو ته اهو چوڻ سولو آهي پر ان تي عمل ڪرڻ ڏکيو آهي اسان عزم ڪيوآهي ته اسان چئلينجز کي منهن ڏينداسين ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي مشڪل آهي پر اسان ان کي منهن ڏيندي سموريون مزاحمتون گهٽائينداسين ۽ رستي جي رڪاوتن جي سمورن پهاڙن کي سر ڪنداسين هن چيو ته انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي مالي شرط، لکت شرط ۽ امداد جي ضرورت نه آهي پر اسان کي چيني دوستن جي مدد جي ضرورت آهي جيڪا سيڙپڪاري، امپورٽ ايمسپورٽ ۾ تعاون ڪندي اسان جي مهارت کي هٿي ڏي هن چيو ته چين اسان جي مدد ڪري ۽ اسان کي ٻڌائي ته ڪيئن زرعي ترقي ممڪن آهي صنعتي پيداوار کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو اسان کي ٻڌائي ته ڪيئن مهانگي ٻارڻ بدران سولر ۽ هائڊرو پارڪس مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي وزيراعطم چيني قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي اڳتي کڻي وڃڻ جو اهم ذريعو آهي هن پلانٽ لڳايا جنهن جي ذريعي اسان جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿيو هنچ يو ته سي پيڪ کان سواءِ اسان مشڪل حالتن کي منهن ڏنو ۽ ان لاءِ اسان صدر شي پنگ ۽ چين جا ٿورائتا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *