ڄامشورو لڳ مسافر وين ڪلٽي، ٻن عورتن سميت 3 مسافر فوت، 6 زخمي، حالت نازڪ

ڄامشورو ( ڊ ر) ڄامشورو ۾ سن ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 مسافر فوت ۽ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن تفصيل موجب محراپور کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين سن ويجهو قبي اسٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ تي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ موقعي ته هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي سن رورل هليٿ سينٽر ما فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ايل ايم يو اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو فوت ٿيل جي سڃاڻپ 50 ورهين جي پروين زال عبدالرزاق راجپوت، فرحه لوڌي ۽ نوجوان سلمان شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ سلمه آرائين، فقير محمد آرائين علي رضا، عامر، عمران ۽ قاسم قمبراڻي شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *