
ڄامشورو(ڊ.ر) زميني تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ سبب 3 ڄڻا قتل. خبر موجب ڄامشورو لڳ راڄڙي ٻيلي جي ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي تڪرار تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ سبب 3 ڄڻا قتل ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ پيارو کوسو ولد سائين بخش، عرس ولد ڏهول کوسو ۽ جمال شامل آهن. آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو. واقعي کان پوءِ پوري علائقي ۾ خوف و حراس ڇانيل رهيو.