ڀٽ شاهه ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ حبيب اسپورٽس ڪلب کٽي ورتي

ڀٽ شاهه(اسپورٽس نيوز) ڀٽ شاهه ۾شاهه حيبب اسپورٽس ڪلب طرفان ثقافتي مرڪز اسپورٽس گرائونڊ تي انٽر ڀٽ شاهه چيمپيئن ٽرافي جي نالي سان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي جنهن جو فائنل شاهه حبيب اسپورٽس ڪلب ۽ ڀٽائي اسپورٽس ڪلب جي درميان کيڏيو ويو ، مقرره  10 اوورن ۾ ڀٽائي اسپورٽس پهرين بئٽنگ ڪندي 94 رنسن تي پوري ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي ، شاهه حبيب اسپورٽس ڪلب طرفان بئٽسمين ڪامران ، عبدالجبار ، ڊاڪٽر بابر ، نوشاد علي ۽ محمد رحيم کوسو بهترين بئٽنگ ڪندي پنجن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 9 اوورن ۾ 95 رنسون ٺاهي ڀٽ شاهه چيمپيئن ٽرافي جو فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو ، فائنل تقريب جي مهمان خاص اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري محمد سومار شيدي ۽ اعزازي مهمان ڀٽ شاهه پريس ڪلب جي صدر خورشيد ٻگهيو ڪامياب رانديگرن ۾ ٽرافي ۽ ٻيا انعام تقسيم ڪيا ، ٽورنامينٽ جو بهترين بئٽسمين ڪامران راجپوت ۽ بهترين بالر ظهور احمد پنڃارو  کي قرار ڏنو ويو ٽورنامينٽ جي ڪامياب ٽيم جي ڪپتان جاويد خاصخيلي کي مهمان خاص پاران ٽرافي ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *