ڀٽ شاهه: مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ 2015 ع آل سنڌ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز) ڀٽ شاهه ۾ مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ 2015 ع آل سنڌ نائيٽ  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميلو شروع ٿي ويو ، ملاکڙا گرائونڊ ۾ رنگ برنگي تقريب جو افتتاح پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان ڪيو ، نائيٽ ٽورنامينٽ جي پهرين رات گرين اسٽار هالا ۽ بحرام اليون حيدرآباد جي ٽيمن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ، الحسيني اليون ۽ اي لائيٽ قاضي احمد جي ٽيمن کي شڪست ملي ، گرين اسٽار هالا جي وقاص ۽ بحرام اليون جي اعجاز سولنگي کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، مهمانن پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان ، سيد سڪندر شاهه ، سيد خاور شاهه رانديگرن ۾ شيلڊ تقسيم ڪيا سوين شائقينن ميچن مان لطف اندوز ٿيندا رهيا ، خبر موجب ؛ڀٽ شاهه جي ملاکڙا گرائونڊ ۾ مخدوم اليون ڪرڪيٽ ڪلب جي صدر زنوار فقير حسين علي جعفري جي ميزباني هيٺ آل سنڌ نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ 2015ع جي رنگ برنگي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي ، تقريب جو مهمان خاص پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان هو جڏهن تـ اعزازي مهمانن ۾ سڪندر علي شاهه ،سيد عطا حسين شاهه ، سيد احسن هاشمي ، محمد ڪاظمي ، ولي محمد شاهه ، نثار احمد شيخ ، مهر علي ڀنگوار ، محمد اسلم ڪيريو ، غلام اڪبر ڀٽو ، فاروق احمد نوحپوٽو ، نثار ساگر ، ڊاڪٽر يونس ڇڄڙو ، علي محمد ساريو ، پريس ڪلب صدر خورشيد ٻگهيو ، وشنو داس راٺوڙ ، غلام فريد ابڙو ، سهيل ابڙو ، پي پي صدر حاجي غلام رسول ملاح شامل هئا ۽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو ملاکڙا گرائونڊ ۾ پهتا ٽورنامينٽ جي چيف آرگنائيزر فقير حسين علي جعفري آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت لنگيون ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا،جنهن بعد پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان ٻين مهمانن سان گڏجي ٽورنامينٽ جو باقاعده طور تي  افتتاح ڪيو ، افتتاحي تقريب دوران آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو ، مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ 2015ع جي پهرين رات 2 مئچ کيڏيا ويا ،پهريون مئچ گرين اسٽار هالا ۽ اي لائيٽ قاضي احمد ۾ کيڏيو ويو  گرين اسٽار هالا جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بئٽنگ ڪندي مقرره 12 اوورن ۾ 128 رنسون ٺاهيون ، جنهن جي جواب ۾ اي لائيٽ قاضي احمد جي ٽيم مقرره 12 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون اسڪور ڪري سگهي ، اهڙي طريقي سان گرين اسٽار هالا 7 رنسن تان مئچ کٽي ورتو ، گرين اسٽار جي وقاص کي 52 رنسون اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، جڏهن تـ ٻيو مئچ الحسيني اليون ۽ بحرام اليون حيدرآباد ۾ کيڏيو ويو ، جنهن ۾ الحسيني اليون پهرين بئٽنگ ڪندي مقرره اوورن ۾ 126 رنسون ٺاهيون ،جنهن جي جواب ۾ بحرام اليون 6 وڪيٽن جي نقصان تي مقرره حدف 127 رنسون حاصل ڪري مئچ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي ، بحرام اليون جي بئٽسمين اعجاز سولنگي 51 رنسون ٺاهڻ تي مين آف دي مئچ ايوارڊ ڏنو ويو ، مهمان خاص مخدوم فخرالزمان ، سيد سڪندر شاهه ، خاور حسين شاهه پاران مئچ کٽيندڙ رانديگرن ۾ شيلڊ تقسيم ڪيا ويا ، پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان پاران ٽورنامينٽ جي بهترين ڪوريج ڪرڻ تي صحافين خورشيد ٻگهيو ، رجب بوزدار ،عبدالغفور ميمڻ ، نوشاد ٻگهيو ، قاسم پلال ، رانا جهانگير ، سهيل راجپوت ، امان ڏاهري کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ، ان موقعي تي پي پي اڳواڻ مخدوم فخرالزمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ لطيف جي نگري ۾ ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ جو مقصد نوجوانن جي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ آهي ، هن چيو تـ سنڌ جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلنٽ آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي تـ ملڪي ليول تي سنڌ جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ، هن چيو تـ سنڌ جي نوجوانن کي قومي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ، هن چيو تـ هي ٽورنامينٽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ٽورنامينٽ ثابت ٿيندي ،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *