ڀٽو عوامي ليڊر هو، ملڪ کي فوج نه عوام متحد رکندو آهي: عمران خان

سوهاوا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي بحران ايندا ويندا آهن پر نظريو هليو وڃي ته قوم ختم ٿي ويندي آهي، ملڪ کي فوج نه عوام متحد رکندو آهي. جهلم جي تعلقي سوهاوا ۾ القادر يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته روحانيت جي سپهه سالار عبدالقادر جيلاني جي نالي تي يونيورسٽي جو بنياد رکيو آهي، عظيم صوفي بزرگ اسلام، روحانيت ۽ سائنس جو واسطو جوڙيو هو ۽ روحانيت ۾ تحقيق شروع ڪرائي هئي، اسان به ان نظريي سان اڳتي وڌنداسين، اسان به اسلام، روحانيت ۽ سائنس جو واسطو جوڙينداسين، روحانيات کي سپر بڻائينداسين. هن چيو ته اسان اسڪولن ۾ ٻارن کي مديني جي رياست ۽ پاڪستان جي نظريي بابت ٻڌائينداسين ته گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ نسلن کي دين جي حقيقي تعليم ڏئي سگهون، جيڪڏهن اسان پاڪستان ٺهڻ جي حقيقي مقصد جي باري ۾ نه پڙهائي سگهياسين ته اولهه ڪلچر جو مقابلو ڪرڻو ڏکيو هوندو، اسان کي نوجوانن کي ليڊر بڻائڻو آهي ۽ اهي تڏهن بڻجندا جڏهن ته مديني جي رياست جي اصولن ۽ تصور جي باري ۾ پڙهندا، ان مقصد لاءِ القادر يونيورسٽي ۾ ريسرچ ڪرائينداسين. عمران خان چيو پاڪستان جو نظريو پوئتي هليو ويو ته اوڀر پاڪستان ٽُٽو، ڀُٽو کانپوءِ جيڪي به حڪمران آيا اهي عوام جا خير خواهه بڻيا ۽ ويا ته لنڊن ۾ ملڪيتون هيون، حقيقت ۾ پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻجڻو هو، اڄوڪو اهو پاڪستان ناهي جيڪو بڻجڻ گهرجي ها، ملڪ ٺاهڻ لاءِ جيڪا سوچ هئي ان کي سياسي قيادت دفن ڪري ڇڏيو، نظريو ختم ٿئي ته قوم ئي ختم ٿي ويندي آهي، ملڪ کي فوج نه پر عوام متحد رکندو آهي. سندس چوڻ هو ته علاما اقبال دين سان گڏوگڏ اولهه جا فلسفا پڙهيا، اتان جي اسڪالرن سان مليو، اوڀر جي شاعر جون 90 سال اڳ واريون ڳالهيون ۽ ڪلام ائين لڳندو آهي ڄڻ هو اڄ اسان لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڇو ته کيس سائنس جي به خبر هئي، اڄ بدقسمتي سان گهڻي ڀاڱي سياستدانن کي پنهنجي لڳل آهي ته ڪٿان نه ڪٿان ترقياتي فنڊ ملي وڃن، اسان کي وڏي سوچ واري ليڊر جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته عبدالقادر جيلاني يونيورسٽي کي نمل جيان ٺاهينداسين، جيڪا عوام جو پئسو گڏ ڪري ٺاهي ويندي، ان يونيورسٽي لاءِ حڪومت فنڊ نه ڏيندي، هتي ذهين شاگردن کي داخلا ڏينداسين ۽ ميرٽ جي بنياد تي سڄي ملڪ مان شاگردن کي هتي آڻينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *