ڀٽو عزم سان پيار ڪندڙ شهادت کان ناهي ڊڄندو: آصف زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار، پوليس جي شهيد اهلڪارن جي پونئيرن کي 20 ، 20 لک رپيا معاوضي جا چيڪ فراهم ڪري ڇڏيا، آصف زرداري پاران شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو اعلان، جنهن کي به ڀٽو ازم سان پيار آهي اُهو شهادت کان ناهي ڊڄندو، تفصيل موجب: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آخري وقت تائين نظرياتي جنگ وڙهنداسين ڪير به پنهنجي سوچ زبدستي لاڳو نٿو ڪري سگهي. شهرين جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ شهيد پوليس اهلڪارڻ جي وارثن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آضف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي ڀٽو ازم سان پيار ڪندڙ شهادت کان ناهي ڊڄندو، نظرياتي جنگ وڙهي رهيا آهيون جيڪا آخري وقت تائين جاري رهندي ڪير به زبردستي پنهنجي لاڳو نٿو ڪري سگهي. اڳوڻي صدر چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. امدادي رقم هڪ ڪروڙ روپيا ڪئي ويندي. شهيدن جي ٻارن لاءِ تعليم به مفت ڪنداسين. آصف زرداري پاران سنڌ حڪومت کي شهيد اهلڪارن جي وارثن جي رجسٽريشن ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير پوليس ۽ رينجرز جي ڪارڪردگي تي فخر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين بهتر ٿي آهي. سي ايم هائوس ڪراچي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي پونئيرن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير قائم علي شاهه، آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻين پوليس جي اعليٰ عملدارن توڙي شهيدن جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پوليس اهلڪار مڙسي سان ڏوهارين جو مقابلو ڪري رهيا آهن. قائم علي شاهه چيو ته پوليس ۽ رينجرز جي بهتر ڪارڪردگي سبب ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته اهلڪارن جانين جا نذرانا ڏئي صوبي اندر دهشتگردي ۾ گهٽتائي آندي آهي. هـُن چيو ته 10 محرم الحرام ۽ 12 ربيع الاول تي بهترين حفاظتي انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته ڪراچي آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. قائم علي شاهه چيو ته ڪجهه عنصر سنڌ سرڪار تي اجايو تنقيد ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جَي پونئيرن لاءِ معاوضو 5 لک مان وڌائي 20 لک ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ سنڌ پوليس جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. غلام حيدر جمالي چيو ته پنجاب پوليس جي برابر پگهارون ڪري سنڌ پوليس کي تحفو ڏنو ويو. هـُن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن ۾ اهم ڪاميابيون مليون آهن، مڪمل امن قائم ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکيو ويندو. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس کي اعليٰ معيار جي جديد تربيت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته پوليس جديد هٿيارن ۽ سامان جي ضرورت آهي. غلام حيدر جمالي چيو ته پنجاب پوليس جي مقابلي ۾ سنڌ پوليس کي تمام گهٽ وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن. آءِ جي سنڌ پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسپيشل برانچ ۽ سي آءِ ڊي جي سکيا کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. غلام حيدر جمالي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته جاني نقصان گهٽائڻ لاءِ پوليس کي اي پي سي ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *