ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن، چورن کي نه ڇڏيندسۡ: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن، هو کين نه ڇڏيندو. چاهي ته مشرف جيان کين اين آر او ڏئي چار سال سڪون سان گذاري سگهي ٿو، پر کيس ووٽ جو نه پر خُدا جو خوف آهي. هزاره موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ سرڪس لڳو، جنهن مان ڪابينا جا ڪجهه ماڻهو گهٻرائجي ويا هئا، ڇاڪاڻ جو اُهي دل جا ڪمزور هئا، مون کين سمجهايو ته اطمينان رکو، ڪجهه نه ٿيندو، جيڪو جيترو ڪرپٽ هو، ڪنٽينر تي هو اوترو ئي گهڻو گوڙ ڪري رهيو هو، پر کين خبر ناهي ته پاڪستان ۾ ڌرڻن جو ماهر آئون آهيان، جيڪو هتي بيٺو آهي. مون پهرين به چيو هو ته اهي ماڻهو هڪ مهيني تائين به ڪنٽينر تي ويهن ته سندن سڀ ڳالهيون مڃي وٺندس.
هُن چيو ته هڪ ماڻهو اسلام جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي، ڊيزل جي پرمٽ ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرميني تي وڪرو ٿيندڙ شخص حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. کيس مولانا فضل الرحمان جي آخرت جو فڪر آهي ۽ الله کان دعا ڪندو آهي ته کيس اهڙي سزا نه ڏئي، جيڪا ملڻي آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم پ پ چيئرمين کي به تنقيد جو نشان بڻايو ۽ کيس لبرلي ڪرپٽ قرار ڏنو. هُن چيو ته بلاول ڀٽو جي نظرئي مان ته آئينسٽائين به پريشان ٿي ويو، جڏهن هُن چيو ته برسات پوندي آهي ته پاڻي ايندو آهي ۽ گهڻي برسات پوندي آهي ته گهڻو پاڻي ايندو آهي. هُن چيو ته بلاول پاڻ کي لبرل سڏائي رهيو آهي، اُهو به مولانا جي ڪنٽينر تي ويو. بلاول ڀٽو لبرلي ڪرپٽ آهي. بلاول ڀٽو جي نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو. وزيراعظم عمران خان شريف ڀائرن تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جنرل جيلاني جي گهر ۾ سريا لڳائي لڳائي اُهي وزارت ٿيا. هُن چيو ته ڪابينا جڏهن ضمانت لاءِ هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو گهريو ته شهباز شريف چيو گارنٽي نه ڏيندس ۽ ڊراما ڪرڻ شروع ڪيا، هو منڊيلا جهڙو مهانڊو کڻي نڪري پيو. وفاقي ڪابينا نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏٺي ۽ سڀني چيو ته انساني بنيادن تي کيس ٻاهر وڃن جي اجازت ڏيڻ گهرجي. شهباز شريف چوي ٿو ته نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري عمران خان تي هوندي. هُن چيو ته جيڪي 800 قيدي مري ويا، اُن جو ته ڪنهن به نه پُڇيو؟ شهباز شريف جو پُٽ فرار ٿيل آهي، اُن جي ضمانت ڪير ڏيندو؟ نواز شريف جو ناٺي ۽ 2 پُٽ فرار ٿيل آهن، اُنهن جي گارنٽي ڪير ڏيندو؟ حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪري ٿي. اُن موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڀ ڪرپٽ گڏجي وڃن، تڏهن به ڪرپٽ ۽ ملڪ جو پئسو چوري ڪندڙن کي نه ڇڏيندو، ڪرپٽ ۽ چورن کي معاف ڪرڻ جو مطلب قوم سان غداري آهي ۽ آئون غداري نه ڪندس. پرويز مشرف اين آر او ڏئي هنن کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ ڪرپشن جا ڪيسز ختم ڪرايا، آئون به جيڪڏهن چاهيان ته خاموش رهي سگهان ٿو ۽ مشرف جيان هنن کي اين آر او ڏئي چار سال سڪون سان گذاري سگهان ٿو، پوءِ اها افرا تفري ۽ گوڙ به ختم ٿي ويندو، پر آئون ائين نه ڪندس. وزيراعظم چيو ته کيس ووٽ جو نه، پر خُدا جو خوف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *