ڀان سيد آباد ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، جوابدار هٿان سندس زال ۽ ڌيءَ بيدردي سان قتل

ڀان سيد آباد(رپورٽر) ڀان سيدآباد شهر جي ڳتيل آباديءَ واري مهراڻ ڪالوني ۾ لنڱ ڪانڊا ريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جوابدار احمد رودناڻي پنهنجي 35 سالن جي  گهرواري مسمات شاهده رودناڻي ۽ پنهنجي 16 سالن جي ڌيءَ ليليٰ رودناڻي کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس ٻي ڌي 18 ساله شائله رودناڻي سخت زخمي ٿي پئي آهي، اهڙي واقعي کانپوءِ پوليس مقتول عورتن جا لاش کڻائي سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد آندا جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ مقتول عورتن جا لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا ٻئي طرف جوابدار احمد علي رودناڻي اهڙي ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڀان ٿاڻي تي پيش پيو جنهن پنهنجو موقف ٻڌائيندي چيو ته هن پنهنجي زال ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ڪا رنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي ان واقعي تي ڪوبه پشتاءَ نه آهي، جڏهن ته شهر اندر ان واقعي کانپوءِ هر طرف خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آهي جڏهن ته اهڙي ٿيل واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ٿي نه سگهيو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڀان سيدآباد غلام سرور گوندل ٻڌايو ته مقتول عورتن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪيو آهي پر مقتول عورتن جا وارث واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا، جيئن ته عورتن جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته انهن جي مرضي موجب جوابدار احمد علي خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *