ڀارت ۾ کيڏڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تيار آهيون : شاهد آفريدي

ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته اسان ڀارت ۾ کيڏڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي تيار آهيون، ڪولڪتا جي ايڊنز گارڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ڀارت ۾ کيڏندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ اسان ڀرپور پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ تمام گهڻي اهم هوندي آهي، پهرين ميچ کٽڻ سان ٽيم جو اعتماد وڌندو آهي،سندس چوڻ هو ته ڀارتي ٽيم هن وقت سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان کي به ٽورنامينٽ ۾ رهڻ لاءِ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي، شاهد آفريدي چيو ته مڃان ٿو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۾ اسان تي گهڻو دٻاءُ هوندو پر ڪرڪيٽ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪولڪتا ۾ اسان جو رڪارڊ سٺو آهي، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان چيو ته تمام گهٽ ملڪ اهڙا آهن، جتي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي، انهن ۾ ڀارت به شامل آهي، جتي ڪرڪيٽ کيڏي تمام گهڻو مزو ايندو آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *