ڀارت ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جون ٽي شرٽس پائڻ تي 10 نوجوانن غدار قرار، ڪيس داخل جو ڪيس داخل

نئين دهلي(اي پي پي) ڀارتي شهر لکنئو جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مذهبي جلوس دوران پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جون ٽي شرٽس پائڻ تي 10 نوجوانن خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪشي نگر اتر پرديش ۾ ايس پي لليت ڪمار سنگهه صحافين کي ٻڌايو آهي ته ڪچوف ۾ کڀر سهتان پوليس اسٽيشن ۾ 10 نوجوانن خلاف غداري جي الزامن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. 4 نومبر تي نوجوانن طرفان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽي شرٽس پائي پهچي هڪ مذهبي جلوس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ ڪليان ڇاپر ڳوٺ ۾ حالتون ڇڪتاڻ واريون آهن. ڪجهه مقامي ماڻهن نوجوانن جي ان قدم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جنهن کان پوءِ انهن ان بابت پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس جي دخل اندازي کان پوءِ نوجوان پنهنجون ٽي شرٽس لاهي ڇڏيون. ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *