ڀارت ۾ ٽوئيٽر تي Say no to war جو هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، ڀارتين جي مودي کي جنگ نه ڪرڻ جي صلاح

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي دخل اندازي جو پاڪستان طرفان ڀرپور جواب ڏيڻ کانپوءِ ڀارت ۾ جنگ نه ڪرڻ جا آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن. ڀارت ۾ هن وقت ٽوئيٽر تي Say no to war جو هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ واهپيدار ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ميڊيا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. واهپيدارن طرفان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جنگ مسئلن جو حل ناهي، تنهن ڪري ڳالهيون ڪيون وڃن. ساگر پرڪاش نالي واهپيدار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت اڳ ئي مسئلن جو شڪار آهن، خوشحالي لاءِ ٻئي ملڪ هڪٻئي کي تباهه ڪرڻ بند ڪن. ڀارتي صحافڻ سيمي پاشا پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته هڪ قدم پوئتي هٽو ۽ هڪ سيڪنڊ لاءِ سوچيو، ڇا اسان واقعي جنگ چاهيون ٿا؟ ڀارتي مصنف ۽ فوٽوگرافر سنجڪتا باسو چيو ته حڪومت جيڪڏهن پائلٽ جي گرفتاري جي خبر کي لڪائي رهي آهي ته ان کي موٽائيندو ڪير؟ ڇا اهو نيشنلزم آهي ته سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوجين کي مرڻ لاءِ سرحد تي موڪليو وڃي؟ اوننديو چڪراورتي نالي هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته دهلي سان واسطو رکندڙ ويڙهاڪ ونيو اينڪرز اوچتو چوڻ شروع ٿي ويا ته جنگ نه ٿيڻ گهرجي، لڳي ٿو ته انهن جي ڪا فلائٽ رد ٿي وئي آهي. ٽوئيٽر واهپيدار وشنو وشال جو چوڻ هو ته مهرباني ڪري هر ڏسجڻ يا ٻڌجڻ واري ڳالهه تي يقين ڪرڻ بند ڪيو، اچو پاڪستان ۾ حرست ۾ موجود پنهنجي پائلٽ جي واپسي لاءِ دعا ڪيون. پريتي ناهر لکيو ته اسان وڌيڪ جانيون ضايع ڪرڻ نٿا چاهيون پر امن چاهيون ٿا، جنگ مسئلن جو حل ناهي. هڪ ٻي ڀارتي شهرڻ انشيتا جو چوڻ هو ته ڇا اسان ٻئي ملڪ واقعي وڏي پئماني تي تباهي چاهيون ٿا، ڇا اسان حيوان بڻجي چڪا آهيون؟ ڀارتي صحافڻ ساگاريڪا گهوسي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته امن انسانيت جو رستو آهي، امن ڏانهن ويندڙ ڪو رستو ناهي، امن ئي رستو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *