ڀارت ۾ هندو مذهبي تنظيم جو اداڪارا سني ليون کي ملڪ نيڪال ڪرڻ جو مطالبو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا جي مطابق هندو مذهبي تنظيم جي ترجمان جو چوڻ هو ته سني ليون جي فحائشي ويب سائيٽ ڀارتي عورتن جي ڪردار جي بي عزتي آهي ۽ ان سان نوجوانن ۾ به اخلاقي بگاڙ پيدا ٿيندا رهيا آهن، ان جي خلاف مهاراشترا ۽ گوا ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس هينئر تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هندو انتهاپسند تنظيم ڀارتي حڪومت کان سني ليون جي ويب سائيٽ تي پابندي لڳائڻ ۽ ان کي ملڪ نيڪالي جو به مطالبو ڪيو آهي، واضح رهي ته ڪينڊين  سني ليون ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا تنقيد جو نشانو بڻجي چڪي آهي، جنهن جو هو ميڊيا تي به اظهار ڪري به چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *