ڀارت ۾ سڀني قبوليو، جيڪڏهن ڪنهن قبول نه ڪيو ته اهو منهنجو ڪٽنب آهي: سني ليون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪينيڊين ڄائي اداڪارا سني ليون چيو آهي ته کيس ڀارت ۾ سڀني قبوليو ۽ جيڪڏهن ڪنهن قبول نه ڪيو ته اهو سندس ڪٽنب آهي، هڪ انٽرويو ۾ سني ليون چيو ته سندس زندگي جا ڪيترائي رخ ماڻهو نه ٿا ڄاڻين، هر ماڻهو جي زندگي ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ شيون ٿينديون آهن ۽ اسان کي انهن سان گڏ کڻي اڳتي وڌڻو پوندو آهي، هن چيو ته مون سان به اهڙو ئي ڪجهه ٿيو آهي، منهنجا پنهنجا مائٽ مونکي پسند نه ٿا ڪن، اهي مون سان ڳالهائڻ به پسند نه ٿا ڪن، سندس چوڻ هو ته سڄي ڀارت مونکي قبول ڪيو پر جيڪڏهن ڪنهن نه ڪيو ته اهي رڳو منهنجا مائٽ آهن پر هاڻ مونکي انهن جي ڪا پرواهه ناهي، کين منهنجي باري ۾ ڪجهه به سوچڻ جو حق آهي، سندس چوڻ هو ته هاڻ منهنجو ڀاءُ، مڙس ۽ ان جا گهروارا ئي منهنجو ڪٽنب آهن، ڇو ته اهي ئي ماڻهو منهنجي سٺي توڙي خراب وقت ۾ مون سان گڏ آهن، مان انهن سان گڏ خوش آهيان،جيڪي مون سان منهنجي سڀني خامين ۽ خوبين سوڌو پيار ڪن ٿا، سني ليون چيو ته هوءَ سدائين محنت تي يقين رکي ٿي، سڀ ڪجهه رات وچ ۾ ناهي ٿي ويندو، ڪنهن به هنڌ پهچڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙڻو پوندو آهي، هن چيو ته مان مڃان ٿي ته ڀارتي معاشري ۾ ڪنهن به عورت لاءِ ڪاميابي جا ڏاڪا چڙهڻ ڏکيو آهي پر سندس ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت همت واري ۽ ذهين هجي  ۽ کيس پنهجي ڪم بابت ڀلي ڀت ڄاڻ هجي ته ان لاءِ ڪوبه ڪم ڏکيو ناهي. سني ليون چيو ته ڀارت ۽ آمريڪا جي رهڻي ڪهڻي بلڪل مختلف آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته آمريڪي معاشرو ڀارت جي ڀيٽ ۾ آزاد آهي پر ڀارت جي ثقافت ۽ سماجي قدر ان کي مختلف بڻائين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *