ڀارت ۾ جائيداد ٺاهڻ جا ثبوت مليا ته اها جائيداد انهن کي تحفي طور ڏيندس: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عدالت ڊاڪٽر عاص ڪيس ۾ دهشتگردن دهشتگردن جي علاج بابت معاملي تي جاچ آفيسر تي جانبداري جو الزاد رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊاڪٽر عاصم حسين، ايس قائمخاني، قادر پٽيل ۽ ايم ڪيو ايم نامزد  ميئر وسيم اختر عدالت ۾ پيش ٿي . عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جاچ آفيسر تي جاچ ۾ جانبداري جو الزام ثابت ناهي ٿيو. ڊاڪٽر عاصم حسين عدالت جي روبرو چيو ته ڀارت ۾ جائيداد ٺاهڻ جا الزام لڳائيندڙ اها ڳالهه ثابت ڪن ۽ جيڪڏهن هو ثابت ڪرڻ ڪامياب ويا ته اها جائيداد مان انهن کي تحفي طور ڏئي ڇڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *