ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ميچ (سڀاڻي) جمعي کان ڪولڪتا ۾ شروع ٿيندي، ميزبان ڀارت کي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي، ڪانپور ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 197 رنسن تان هارائي ميچ کٽي سيريز ۾ سرسي حاصل ڪئي هئي، پهرين ميچ ۾ شاندار ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي ٽيم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٻيهر پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ رنڊڪ پار ڪئي آهي، ٻي ميچ ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ ڀارت پاڪستان کان پهرين پوزيشن حاصل ڪري وٺندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 8 کان 12 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي، ٽيسٽ سريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 16 آڪٽوبر تي ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ميچ 20 آڪٽوبر تي فيروز شاهه ڪوٽلا دهلي ۾، ٽئين ميچ 23 آڪٽوبر تي پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن اسٽيڊيم موهالي چندي ڳڙهه ۾، چوٿين ميچ 26 آڪٽوبر تي ڪولائچي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 29 آڪٽوبر تي وشاڪا پشنم ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *