ڀارت ڳئون بعد هاڻي اٺ ذبح ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

نئين دهلي(م.ڊ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ اٺ ذبح ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي. ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ڀارت ۾ ڳئون ذبح ڪرڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ تي پابندي بعد راجسٿان رياست ۾ اٺ ذبح ڪرڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. راجسٿاني اختيارين مطابق پابندي سان گڏوگڏ  اٺ جي روانگي واپار تي به پابندي هوندي پر اٺ کي مال ڍوئڻ ۽ گهريلو ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي. اختارين جو چوڻ آهي ته پابندي هڻڻ جو بنيادي سبب اٺن جو تعداد گهٽ ٿيڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *