ڀارت ڪنهن به غلطي فهمي ۾ نه رهي، پاڪستان ميانمار ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڀارت خواب ڏسڻ ڇڏي ڏئي ۽ ڪنهن به غلطي فهمي ۾ نه رهي، پاڪستان ميانمار ناهي، پاڪ فوج هر قسم جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڀارت جي مملڪتي وزير راجيه ورڌن راٺوڙ جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ چوڌري نثار چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن امان چاهي ٿو پر ڀارت جو قبضوڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان ۾ هن ڀارت کي ڏينهن ۾ خواب ڏسڻ کان پاسيرو رهڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ڀارت کي ڪنهن به قسم جي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان بابت غلط عزم رکندڙ ڪن ۽ اکيون کولي رکن، چوڌري نثار چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي بمباري ڀارتي حڪومت جي پاليسي بڻجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته خطي ۾ پاڪستان تي ٿاڻيداري هلائڻ وارا ڀارت جا خواب نه پهرين پورا ٿيا هئا ۽ نه ئي وري هاڻ پورا ٿيندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان بابت غلط عزم رکندڙ ڪن ۽ اکيون کولي رکن، ڀارت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي پاڪستان ميانمار ناهي، پاڪ فوج هر قسم جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *