ڀارت ڪشمير ۾ شڪست جي خوف کان پاڪستان کي ڌمڪيون پيو ڏئي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ شڪست جي خوف کان پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي مودي جو رويو شروع کان ئي جنگ جو آهي. ڀارت ۾ غربت، اقليتن جي بي اعتمادي ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ ۾ ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ مودي سرڪار پاڪستان مٿان زهر هاري رهي آهي. قومي مسئلن ۾ اختلافن باوجود ڀارت جي مقابلي ۾ پوري قوم مضبوط ڀت وانگر گڏ آهي. پاڪستان هاڻي 65 يا 71 وارو ناهي پر هڪ تسليم ڪيل ايٽمي قوت آهي ڀارت کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جنگ جي صورت ۾ وڏي ملڪ کي وڏو نقصان کائڻو پوندو. خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀارت کي ڪشمير مسئلي تي مقصد واريون ڳالهين طرف اچڻو پوندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي اسيمبلي ۾ قوم جي ترجماني ڪئي جيڪو تاريخ جوڳو عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جاري مرڪزي شورا جي ٽن ڏينهن واري اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر سراج الحق چيو ته ڀارت کي ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي جيڪي هن دفعي ڪا غلطي ڪئي ته ان کي سواءِ تباهي جي ڪجهه به نه ملندو. ڀارت جي لاءِ بهتر اهو آهي ته هو ڪشمير تي پاڪستان سان بامقصد ڳالهيون ڪري ۽ انهن ڳالهين ۾ ڪشميري قيادت کي به شامل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *