ڀارت ڪشمير ۾ جيترو فوج جو اسعتمال ڪندو، ان خلاف اوتري نفرت وڌندي: عمران خان

ٽيڪسيلا (م.ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ جيترو فوج جو اسعتمال ڪندو، ان خلاف اوتري نفرت وڌندي، ٽيڪسيلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي/ڏسو صفحو 3  بقايا نمبر 49

هن چيو ته  پاڪستاني قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي، ڪشميري ڀارتي فوج جي سامهون شيهي جي ڀت ثابت ٿي رهيا آهن، ڪشميري عوام ڀارتي فوج جو ڃمي مقابلو ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير جا شهري ڀارت کان آزادي چاهين ٿا، عمران خان چيو ته اسان جا اختلاف هڪ طرف، مسئلن جي حل جي لاءِ گڏ آهيون، دعا آهي ته جلد ئي اهو ڏينهن ايندو جڏهن هو پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪري سگھندا، والاريل ڪشمير جي عوام جي جدوجهد تي کين ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، ڪشميري ڀارتي فوج جي سامهون آزاديءَ جي لاءِ وڙهي رهيو آهي، والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي داد ڏيڻ چاهيان ٿو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ٻاهرين مسئلن جي حل جي لاءِ سموري قوم متحد آهي، ملڪ ۾ هارين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو قدم نه پيو کنيو وڃي، شريف ڀائرن هارين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، موديءَ کي چوان ٿو ته فوج جي زور تي قومن کي غلام نه ٿو بڻائي سگھجي، فوج جو اسعتمال ڪرڻ سان نفرتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ فوج جي حمايت تي قوم ۾ ڪو اختلاف نه آهي، ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ادارا مضبوط هجن ته قوم مضبوط ٿيندي آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته قوم وسيلن سان مضبوط ٿيندي آهي، ادارن جي مضبوطيءَ سان ٿيندي آهي، غربت ڪرپشن جي ڪري ٿي، پرڏيهه ۾ ڪاروبار آهي، انصاف آهي، غربت ۽ بيروزگاري گھٽ آهي، ملڪ ۾ تاريخ جي بدترين بيروزگاري آهي، حڪمرانن خلاف عدالت ۾ وياسي، انصاف نه مليو، ڪو وزير چوري ڪري ٿو ته ان جا سيڪريٽري به چوري ڪندا آهن، نواز شريف نيب جو سربراهه پنهنجي غلام کي لڳائي ڇڏيو آهي، نيب جو سربراهه نواز شريف کي گرفتار نه ٿو ڪري، ايف بي آر، نئب ۽ ايف آءِ اي سڀ ئي تباهه حال آهن، عمران خان وڌيڪ چيو ته اڄ جيڪڏهن اوهان ڪمزور آهيو ته ڪو به ناجائز ڪم ڪري سگھي ٿو، وزيراعظم نه ئي ادارن کي نه ئي ڪرپشن روڪي سگھي ٿو، مارچ ۾ ڪجھه به ٿيو ته رڍن ٻڪرين جيان مار نه کائينداسين، ن ليگ جا گُلو پنجاب پوليس کان سواءِ ڪجھه نه ٿا ڪري سگھن، پنجاب پوليس سان ئي گُلو بٽ به گڏ بيٺو رهيو، گجرانوالا ۾ به پوليس جي موبائيل تي چڙهي اسان تي حملو ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته حب تائين احتساب نه ٿيو ته ماڻهن کي ڪرپشن وسارڻ نه ڏينداسين، نه عدالتون انصاف ٿيون ڪن نه ئي اسپيڪر اسان جي پُڪار ٿو ٻڌي، مون کي ريفرنس موڪليو ويو، گھٽ ۾ گھٽ نواز شريف کي به موڪليو وڃي ها، هِن ڀيري پوليس يا گلو ڪجھه به ڪيو ته مار نه کائينداسي، پر امن احتجاج جو حق حاصل آهي، ان کي خراب ڪيو ويو ته نقصان جا ذميوار حڪمران هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *