ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي پيو ڪري، خطي جو امن خطري ۾ آهي: آصف غفور

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج عالمي ميڊيا جي نمائندن، مختلف ملڪن جي دفاعي اتاشين ۽ سفيرن کي ڀارتي فوج جي حملي واري هنڌ بالاڪوٽ جي علائقي جبه جو دورو ڪرايو. آءِ ايس پي آر موجب انٽرنيشنل ميڊيا  جي پرڏيهي صحافين، مختلف ملڪن جي دفاعي اتاشين ۽ سفيرن تي ٻڌل گروپ کي جابه جي انهن علائقن جو دورو ڪرايو ويو جن کي نشانو بڻائي 26 فيبروري تي ڀارت پابندي مڙهيل تنظيمن جي تربيتي ڪيمپ تباهه ڪرڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي. گرپ کي ارت جي بار بار ڪوڙ ۽ ان جي ابتڙ زميني حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي دعويٰ ۽ زميني حقيقتن تي بريفنگ ڏني. گروپ واقعي واري هنڌ قائم مدرسي جو به دورو ڪيو جنهن کي ڀارت تباهه ڪرڻ ۽ دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي. دوري ۾ شامل ماڻهن آزاد طور مدرسي جي طالبن ۽ استادن سان ڳالهيون ڪيون ۽ سوال ڪيا. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارت جي اهڙي قدم سان خطي جي امن کي خطرو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *