ڀارت ڪراچي، بلوچستان ۽ فاٽا ۾دهشتگردن جي مدد  ڪري رهيو آهي: پاڪستان

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت جي دهشتگردي ۾ملوث هئڻ جا ثبوت گڏيل قومن کي پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت ڪراچي، بلوچستان ۽ فاٽا ۾دهشتگردن جي مدد  ڪري رهيو آهي، عالمي برادري معاملي کي  حل جوڳو بڻائي خطي ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نيو يارڪ ۾گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي ثبوتن تي ٻڌل دستاويز  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون حوالي ڪيا. مليحه لوڌي جو چوڻ هو ته  بلوچستان، فاٽا ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي  ۾ ڀارت ملوث آهي ۽ ڀارت دهشتگردن کي مدد فراهم ڪري رهيو آهي . قومي سلامتي جي صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ تصديق ڪندي چيو آهي  ته پاڪستان ڀارت سان متعلق 3 ڊوزيئر گڏيل قومن کي فراهم ڪيا آهن.  نيويارڪ ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڊوزيئر ڊاڪٽر مليحه لوڌي پاڻ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون حوالي ڪيا.  سرتاج عزيز موجب ڊوزيئر ۾ ڀارتي دهستگردي جا اهي وڊيوز، آڊيوز ٽيپ ۽ لکت ۾ثبوت شامل آهي، جن ۾ ڀارت ڪراچي، بلوچستان ۽ فاٽا ۾ دهشتگردن جي سپورٽ ڪندي نظر اچي رهيو  آهي. سرتاج عزيز چيو ته هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ناهي رهي ته ڀارت ڪراچي، بلوچستان ۽ فاٽا ۾دهشتگردن جي مدد  ڪري رهيو آهي، اسان ان حوالي سان دنيا جي 15ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي پڻ ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪري چڪا آهيون. سرتاج عزيز چيو ته ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان گڏ پاڪستان ۾رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي،  هــُو ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڀارت ڳالهين کان ڀڄڻ لاءِ الزام تراشي شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *